ارباب تاج محمد

ارباب تاج محمد

ارباب تاج محمد

ارباب تاج محمد: تاج محمد'>ارباب تاج محمد، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جو والد هو. سياست جي شروعات 1936ع ۾ بي. ڊي جي اليڪشن سان ڪيائين. ڳچ عرصو ضلعي ٿرپارڪر جو وائيس چيئرمئن ٿي رهيو، هڪ سماجي تنظيم ’ٿر ويلفيئر سوسائٽيءَ‘ جو 1937ع ۾ بنياد وڌائين ۽ ان تنظيم جو صدر ٿي رهيو. هن تنظيم جي پليٽ فارم تان ٿر جي عوامي ڀلائي ۽ ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو، گهڻو ڪري ضلعي هيڊ ڪوارٽر ميرپورخاص ۾ ئي رهندو هو ۽ ضلعي جي آفيسرن سان ملاقاتون ڪري، ٿر جي عوام جا مسئلا حل ڪرائيندو هو. پنهنجي وڏي ڀاءُ ارباب خانصاحب توڳاچيءَ سان گڏجي محمد علي جناح سان تحريڪ آزاديءَ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪيائين. کيس صدر محمد ايوب خان ’خدمت خلق‘ جو تمغو ڏنو. 1976ع ۾ وفات ڪيائين. سندس آخري آرامگاهه اباڻي قبرستان کيتلاري، تعلقي ڏيپلي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ آهي.


لفظ ارباب تاج محمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو